شاهه محمود ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ منظور، حليم عادل کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا ڪاغذ منظور ٿي ويا، جڏهن ته  حليم عادل کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي.

اليڪشن ٽربيونل تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين قريشي جا ٿرپارڪر  جي اين اي 214 تان نامزدگي ڪاغذ منظور  ڪري ورتا.

رٽرننگ آفيسر طرفان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو.

اليڪشن ٽربيونبل جي جج جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ٻڌڻي هلائيندي آر او جا اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف ملير جي اين اي 238 تان حليم عادل کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.