ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه شاهنواز ڏاهاڻي بابت وهاب رياض جي بيان تي رد عمل ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وهاب رياض جو شاهنواز ڏاهاڻي بابت بيان اعتراض جوڳو آهي، مئنيجمينٽ کي رانديگرن بابت اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن.
ناصر حسين شاهه چيو ته ڳالهه سچ به آهي ته به عوامي پليٽ فارم تي نه ڪرڻ گهرجي، شاهنواز ڏاهاڻي هڪ بهترين بالر آهي، نيشنل ڪپ جي فائنل جو مين آف دي ميچ به رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته اوهان شاهنواز ڏاهاڻي کي ان فٽ قرار ڏئي رهيا آهيو، ابرار جي جاءِ تي اسپنر موڪلڻو آهي ته زاهد محمود کان بهتر ڪا چوائس نٿي ٿي سگهي.
ناصر حسين شاهه اهو به چيو ته زاهد محمود به ڊوميسٽڪ جو ٽاپ پرفارمر آهي.