ڪراچي ۾ اڄ سال جو سڀ کان ٿڌو ڏينهن هو، رات به ٿڌي ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ سال جو سڀ کان ٿڌو ڏينهن هو ۽ رات به ٿڌي ٿيندي.

صبح سان سڄي سنڌ ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو جڏهن ته ڪراچي ۾ سال جو ٿڌو ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي اڄ برسات جي به اڳڪٿي ڪئي هئي پر برسات نه پئي.

ٻئي پاسي ڪوهيڙو برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ ڪوهيڙي جا اثر گهٽ آهن پر ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب سيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.