سي ڊي 70 موٽرسائيڪل بنا وياج جي حاصل ڪرڻ جو موقعو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مهانگائي سبب موٽرسائيڪلن جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ عام ماڻهو جي اها سواري به عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي چڪي آهي، هنڊا سي ڊي 70 خريد ڪرڻ وارن جي خواهشمند لاءِ خوشخبري اها آهي ته هو پنهنجي پسنديده موٽرسائيڪل بنا وياج جي قسطن تي وٺي سگهن ٿا.

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي بينڪون پنهنجي واهپيدارن کي هنڊا موٽرسائڪلون بنا وياج جي 6 مهينن جي قسطن تي ڏئي رهيون آهن.

بينڪ الفلاح جا واهپيدار ٽن مهينن جي قسطن ۾ يا وري 6 مهينن جي قسطن ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا.

ٽن ۽ 6 مهينن جي قسطن جا پلان بنا وياج جي آهن پر ٻين پلانز تي وياج لاڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.