پي ٽي آءِ قيادت ۾ ڏار، بيئرسٽر گوهر ۽ شير افضل جي ڌار ڌار پريس ڪانفرنس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ سينيئر اڳواڻ شير افضل مروت ڌار ڌار پريس ڪانفرنسز ڪيون جنهن ۾ ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر جي پريس ڪانفرنس کان ترت پوءِ شير افضل مروت پريس ڪانفرنس ڪرڻ پهچي ويو.
بئرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو پر شير افضل مروت نه مڙيو.
پريس ڪانفرنس دوران بئرسٽر گوهر جو چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪڏهن به اِها ڳالهه ناهي ڪئي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي اعتماد ناهي ۽ نه ئي کيس اهڙي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کي چيف جسٽس فائز عيسيٰ تي اعتماد ناهي، مان سندس هدايت تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان، منهنجون ڳالهيون ئي پي ٽي آءِ باني جي پاليسي آهي.
هن چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا ڊڄون نٿا پر چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي عدالت مان انصاف لاءِ مايوس ٿي چڪا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جنرل باجوا ۽ فيض حميد اُماڻيو، جڏهن هو چيف جسٽس بڻيو ته اسان ريفرنس واري فيصلي تي شرمساري جو اظهار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.