جنهن سان لاڳاپا رکيا ان تشدد ڪيو: عائشه عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عائشا عمر هڪ ڀيرو وري پاڻ کي جنسي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ تي کُلي ڪري ڳالهائيندي چيو آهي ته هن تي اُهي شخص تشدد ڪندا رهيا جن سان هُن گريجوئيشن کان پوءِ لاڳاپا رکيا هئا.
تازو ئي اداڪارا عائشا عمر هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز ڪيريئر سميت ٻين معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو.
پروگرام جي وائرل وڊيو ۾ عائشه عمر پاڻ تي ٿيل اڻ مناسب رويي، تشدد ۽ اڻوڻندڙ ورتاءَ تي کُلي ڪري ڳالهائيندي نظر آئي.
اداڪارا چيو ته جنهن ڇوڪري سان هن جا رومانوي لاڳاپا هئا، ان ئي محبت جي نالي تي هن تي تشدد ڪيو کيس ڪيترائي ڀيرا ڪافي دير تائين نشانو بڻايو ويو.
سندس چوڻ هو ته بواءِ فرينڊ کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد هن کان معافي وٺندو هو ۽ پنهنجي غلطين جو اعتراف به ڪندو هو ۽ پوءِ کيس چوندو هو ته هن کان برداشت نه ٿيندو آهي ته هوءَ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائي،ڪو ٻيو کيس ڏسي.
اداڪارا چيو ته سندس کي ٻڌي لڳندو هو ته اهو ئي سچو پيار آهي، هوءَ اهڙين کي جذبا سمجهندي هئي، ان ڪري هوءَ گھڻي وقت تائين تشدد برداشت ڪندي رهي.
عائشه عمر خدا جو ٿورو مڃيندي چيو ته شڪر آهي جو منهنجي شادي ان شخص سان نه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.