آءِ سي سي پليئنگ ڪنڊيشن ۾ تبديلي، اسٽمپ اپيل لاءِ ريويو وٺڻو پوندو

دبئي ( ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پليئنگ ڪنڊيشن ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي.

آءِ سي سي جي نئين پليئنگ ڪنڊيشن موجب، آن فيلڊ امپائر طرفان اسٽمپ جي اپيل تي ٽي وي امپائر ڪيچ جي جاچ نه ڪري سگهندو، ڪيچ لاءِ  ڌار رويو وٺڻو پوندو.

آءِ سي سي ڪن ڪشن وارو قانون به وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي، بالنگ دوران ڪن ڪشن سبب معطل رانديگر جي متبادل کي بالنگ جي اجازت نه هوندي.

آءِ سي سي فيلڊ انجري جي تصديق ۽ علاج لاءِ مقرر ڪيل وقت به چار منٽن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.