” ڪيچ ڊراپ ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي“

سڊني( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر آعا سلمان چيو آهي ته ڪيچ ڇڏڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.
سڊني ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر آغا سلمان چيو ته ڪيچ ڇڏڻ وڏي ڳالهه ناهي جڏهن پڪڙيندا آهيون ته ڪير به ناهي ڳالهائيندو.
هن چيو ته سلِپ ۾ فيلڊنگ ڪرڻ ايترو سولو ناهي جيترو نظر ايندو آهي، آسٽريليا جي دورو سدائين چئلينجنگ هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيوته سيڪنڊ سلِپ ۾ ڪيچ وڌيڪ نڪرندا آهن، ڪيچز ڊراپ ٿيڻ راند جو حصو آهي، آسٽريلوي فيلڊرن به ڪيچ ڊراپ ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.