پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ انڊيڪس جي هڪ تازي رپورٽ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙن لاءِ اهم خوشخبري سامهون آئي آهي.

رپورٽ موجب 8 ملڪ اهڙا آهن جتي پاڪستاني بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا.

پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙن کي پرڏيهه سفر لاءِ عام طور تي 151 ملڪن جي ويزا گهربل هوندي آهي جن مان 36 ملڪن ۾ هاڻي ويزا آن ارائيل جي سهولت ڏني ويندي اهي جڏهن ته ڪجهه ملڪ اليڪٽرانڪ ويزا جي سهولت به پيش ڪري رهيا آهن.

پاڪستانين کي ويزا فري سفر جي سهولت ڏيندڙ 8 ملڪ هيٺ ڏجن ٿا.

بارباڊوس.

ڊومينيڪا.

گيمبيا.

هيٺي

مائيڪرونيشيا

سينٽ ونسنٽ اينڊ گريناڊئنز

ٽرينيڊاڊ انڊ ٽوباگو

وانواتو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.