ڪار کي بال لڳڻ تان ڏنڊي ڏوٽي شخص ٻالڪ کي ڌڪ هڻي ڏند ڀڃي ڇڏيا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ هڪ ڪار سوار ٽن سالن جي ٻالڪ تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

فيصل آباد جي ڊي ٽائپ ڪالوني جي ڊوگر چوڪ جي رهواسي ٽن سالن جي ابراهيم نالي ٻارڙي کي همراهه ان وقت ڌڪ هنيو جڏهن هو ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ مصروف هو ۽ غلطي سان بال گذرندڙ ڪار کي لڳي ويو.

ڪار کي بال لڳڻ تي ڪار سوار ڪار مان لهي ٻار ڊپ وچان ڊوڙيندڙ ٻار کي ڌڪ هنيو جنهن سبب ٻالڪ منهن ڀري ڪري پيو ۽ سندس ڏند ڀڃي پيو.

زخمي ٻالڪ جي وارثن پاران ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.