پاڪستان ڀارتي ماڻهن کي آزاد ڪري : ڀارت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزارت گذرلي ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پاڪستان کي چيو ته هو پنهنجون سزائون پوريون ڪندڙ 184 ڀارتي مهاڻن کي آزادي ۽ وطن واپسي جي عمل ۾ تيزي آڻي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ قيد 12 شهرين، جن بابت خيال ڪيو ويو آهي ته اهي ڀارتي آهن، تن کي قونصلر رسائي فراهم ڪري.

ڀارتي پرڏيهي وزير بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهو سڀني ڀارتين جن بابت يقين آهي ته اهي ڀارتي سويلين قيدي ۽ مهاڻا آهن، انهن جي آزادي، ڀارت واپسي تائين حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي.

ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت هڪ ٻئي ملڪ ۾ قيدين ۽ مهاڻن بابت انساني معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي تحويل ۾ هڪ ٻئي جي سويلين قيدين ۽ مهاڻن جون لسٽن جي مٽا سٽا ڪئي آهي.

نئين دهلي اسلام آباد تي زور ڏنو ته اهو مبينا 65 پاڪستاني قيدين جي شهريت جي تصديق لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ تيزي آڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.