ڪوئي شادي لاءِ چوندو ئي ناهي: ملائڪا اروڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي انارڪلي چورائيندڙ اداڪارا ملائڪا اروڙا انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڪوئي شادي جي آڇ ئي ناهي ڪندو ته هو نيٺ ڪنهن سان شادي ڪري؟

ملائڪا اروڙا جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ڪلپ ۾ هن امڪاني طور تي پنهنجي ٻي شادي بابت سوالن جا جواب ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ فلم ساز فرح خان اداڪارا ملائڪا اروڙا سان شادي بابت سوال ڪندي نظر اچي ٿي ۽ اها ڪلپ ڊانس ريئلٽي شو جهلڪ دکلا جا جي جلد نشر ٿيندڙ شو جي آهي.

وڊيو ۾ اداڪارا کان پڇيو وڃي ته هوءَ 2024 ۾ به اڪيلي رهڻ بدران شريڪ حيات ڇو نٿي چونڊي؟

ملائڪا اروڙا مزاحيه جواب ڏئي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته کيس ٻيهر ڪنهن کي هنج وٺڻو پوندو؟ اداڪارا جي جواب تي پروگرام ۾ شريڪ ماڻهو ۽ مهمان کلي پون ٿا.

پوءِ هن چيو ته جيڪڏهن ڪير ساڻس شادي ڪندو ته هوءَ يقيني طور تي 100 سيڪڙو ساڻس شادي ڪندي کير ڪو شادي جي آڇ ئي ناهي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.