ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف خادم رند عوام کي خبردار ڪيو آهي ته نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل، قتل جي قدم ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو.
پنهنجي بيان ۾ خادم حسين رند چيو ته نئين سال جي موقعي تي سيڪيورٽي جي حوالي سان انتظام مڪمل آهن، ماضي ۾ هوائي فائرنگ سان ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن.
هن چيو مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان وڌيڪ سختي ڪنداسين، جيڪو به پڪڙيو ويو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلينداسين، ڪنهن جو موت ٿيو ته قتل ۽ دهشتگردي جو قلم به لڳائينداسين.
You might also like