لاڙڪاڻي جو ايس پي چوڪ اسٽيچو آف ڊيموڪريسي بڻجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فقير سولنگي هڪ مشهور مجسمي ساز آهي جيڪو سنڌ جي شهر ٽنڊي الهيار سان واسطو رکي ٿو. هن مختلف شخصيتن جا مجسما ٺاهيا آهن جن ۾ علاما اقبال، بينظير ڀٽو، قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن. هو نه رڳو هڪ مجسمي ساز پر هڪ سٺو مصور پڻ آهي.

فقيري جو هڪ تازو شاهڪار بينظير ڀٽو جو مجسمو آهي جنهن کي لاڙڪاڻي ۾ لڳايو ويو آهي. هي مجسمو سندس بينظير ڀٽو لاءِ احترام جو اظهار آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي پاران ايس ايس چوڪ تي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو مجسمو لڳايو ويو جنهن بعد هاڻي چوڪ جو نالو تبديل ڪري اسٽيچو آف ڊيموڪريسي چوڪ رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.