بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ دستي بم جو ڌماڪو، ٻه ٻار مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي مڇ ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا.
مڇ ٿاڻي جي ايس ايڇ او يعقوب عباسي موجب اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن طرفان پوليس اسٽيشن تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو، جيڪو ڀت ۾ لڳي ڀرسان گهٽي ۾ ئي ڪِري ڦاٽي پيو.
هن ٻڌايو ته گهٽي ۾ موجود دڪان تي خريداري ۾ مصروف ٻه ٻار ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويا، هڪ جي سڃاڻپ بابر ۽ ٻئي جي ياسر جي نالي سان ٿي.
ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ پوليس علائقي جو گهيرو ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.