گوگل جو نئون شاهڪار، لکي وڊيو ٺاهيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل پنهنجي هٿرادو ذهانت سان هلندڙ وڊيو پوئيٽ ٽول متعارف ڪرايو اهي جيڪو تخليق ڪارن کي ٽيڪسٽ، اميج ۽ آڊيو ان پٽ سان وڊيو تيار ڪرڻ جي حيراني جوڳي سهولت فراهم ڪندو.

گوگل جي وڊيو پوئيٽ ٽيڪسٽ جي خاصيتن ۾ وڊيو فريم جو تسلسل، وڊيو ان پينٽنگ ۽ آئوٽ پينٽنگ، وڊيو اسٽائلائزيشن ۽ وڊيو ٽو آڊيو جون صلاحيتون شامل آهن.

واهپيدارن کي سولي طريقي سان وڊيوز، ڪنٽرول ڪندڙ حرڪتون ۽ ٽيڪسٽ اشارن ذريعي پنهنجي پسند موجب اثر پيدا ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو.

هن جو طريقيڪار اهو هوندو ته اوهان پنهنجي گهربل تصوير جو نالو لکو، جنهن جي وڊيو يا افيڪٽ ٺاهڻ چاهيو ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي وضاحت به ڪريو يعنيٰ اوهان جيڪو ڏسڻ چاهيان ٿو، اهي حرڪتون ۽ اسٽائل لکو يا آڊيو ذريعي گوگل جي وڊيو پوئيٽ کي ٻڌايو.

ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هي ماڊل هڪ آٽو ريگريسيو ماڊل آهي جنهن جو مطلب آهي ته هي پهريان پيدا ٿيندڙ اشارا کڻي آئوٽ پٽ پيدا ڪري ٿو.

ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪيتريون ئي ڊيمو وڊيوز شيئر ڪيون آهن جن مان خبر پوي ٿي ته پليٽ فارم ڪيترين ئي وڊيو ڪلپس کي گڏائي هڪ مختصر فلم به ٺاهي سگهي ٿو.

جديد ايم اي جي وي آءِ ٽي 2 جو استعمال ڪندي تيار ڪيل گوگل ٽول واهپيدارن کي هاءِ موشن ۽ ڊگهيون وڊيوز تيار ڪرڻ جوڳو بڻائي ٿو. ايم اي جي وي آءِ ٽي 2 هڪ وڊيو ٽوڪنائزر آهي جيڪو عام ٽوڪن لفظن جو استعمال ڪندي وڊيوز ۽ تصويرن ٻنهي لاءِ ٽوڪن تيار ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.

وڊيو پوئيٽ رڳو لارج لينگويج ماڊل ۾ وڊيو جنريشن فنڪشنز جي سهولت به فراهم ڪندو.

وڊيو پوئيٽ کي اڃا عوام لاءِ جاري ناهي ڪيو ويو ڇو ته هي اڃا فائنل ناهي ٿيو.

گوگل جي جاچ ٽيم هڪ ڊيمو ويب سائيٽ جاري ڪئي آهي جيڪا پليٽ فارم ذريعي ٺاهيل ڊيمو وڊيوز ڏيکاري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.