شاهه محمود قريشي جا به ٻن قومي اسيمبلي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جا قومي اسيمبلي جي تڪ 151 ملتان ۽ 214 ٿرپارڪر مان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
اين اي 151 ملتان مان شاهه محمود قريشي سان گڏ سندس پٽ زين قريشي ۽ ڌيءَ مهربانو جا نامزدگي ڪاغذ به اعتراض داخل ٿيڻ سبب رد ڪيا ويا.
هوڏانهن اين اي 214 ٿرپارڪر مان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، آر او موجب ٻنهي اميدوارن جا فارم نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ نه هجڻ تي رد ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.