4 شادين جي اجازت ته آهي پر هر هڪ سان…. عدالت جو فيصلو

چنئي (ويب ڊيسڪ) مدراس هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڀلي کڻي اسلامي قانونن ۾ مسلمان مرد کي چئن شادين جي اجازت هجي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته هو پنهنجي زالن سان اڻ برابري وارو سلوڪ ڪري. کين برابر جا حق ڏيڻا پوندا ۽ سڀني سان سٺو ورتاءُ ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن مڙس ائين نٿو ڪري ته ان کي ظلم سمجهيو ويندو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ برابري جي ورتاءَ تي زور ڏنو.

جسٽس آر ايم ٽي ٽيڪار من ۽ پي بي بالاجي جي بينج فيملي ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو.

عدالت چيو ته مڙس ۽ سندس ڪٽنب جي ٻين ماڻهن پهرين زال سان غلط رويو اختيار ڪيو ۽ ان جو استحصال ڪيو. عدالت شادي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان اڳ عدالت ۾ عورت پنهنجي مڙس، سس ۽ ننهن خلاف الزام لڳايا هئا.

عورت دانهيو هو ته سندس مڙس ٻي شادي ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي هو ٻي زال سان رهي ٿو، مڙس جو رويو غلط آهي ۽ حمل دوران هن کيس هراسان ڪيو.

هوڏانهن الزام هيٺ آيل مڙس چيو ته سڀ الزام ڪوڙا آهن، زال پاڻ گهر واپس اچڻ نه پئي چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.