ميلبرن ٽيسٽ: ڪيمرا جي نظر جوڙي تي پئجي وئي، وڏي اسڪرين تي منظر ڏسي ميدان ۾ نعرا لڳي ويا

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميلبرن ٽيسٽ دوران اهڙو واقعو پيش آيو جنهن سڀني کي کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ميدان ۾ نعرا لڳي ويائ.

ميچ دوران جڏهن ڪيمرا مين تماشائين ڏانهن ڪيمرا گهمائي ته هڪ جوڙو پرسڪون ۽ رومانوي انداز ۾ ويٺو هو.

جيئن ئي منظر وڏي اسڪرين تي ظاهر ٿيو ته ميدان ۾ گوڙ پئجي ويو ۽ ٻنهي کي داد ڏنو ويو.

تماشائين جي گوڙ تي جوڙي کي احساس ٿيو ته اصل ۾ سڀ هنن کي ڏسي گوڙ ڪري رهيا آهن پوءِ هنن پنهنجو منهن لڪايو ۽ الڳ الڳ ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.