اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ان ڪئميرا ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سوال ڪيو ته توهان جو نڪتو ڪهڙو آهي؟ ان تي وڪيل عثمان گل چيو نڪتو اهو آهي ته فرد جرم کان اڳ قانوني طريقي ڪار مڪمل نه ڪيو ويو، جج جنهن نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏنو، اهو پهرين ڊسمبر جو آهي ۽ سائفر ٽرائل روز جي بنياد تي هلي رهيو آهي.
عدالت سوال ڪيو ته هيل تائين ڪيترن شاهدن جا بيان مڪمل ٿي چڪا؟ وڪيل ٻڌايو ته ڪُل 27 شاهدن مان 25 جا بيان ۽ ٽن جي آڏي پڇا مڪمل ٿي آهي.
ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سائفر ٽرائل جي منع نامي جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي چيو ته اڳ ۾ نوٽيس ٿيندا.
عدالت سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ عمران خان جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سائفر ٽرائل بابت سمورا ضروري دستاويز جمع ڪرايو.
ٻڌڻي دوران عدالت ان ڪئميرا ٽرائل تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته اوپن ٽرائل جو مطلب اوپن هوندو آهي، ان ۾ ميڊيا ۽ پبلڪ کي اچڻ جي اجازت هوندي آهي.
عدالت چيو ته جيڪو ان ڪئميرا ٽرائل آهي، ان بابت عدالت واضح حڪم ڏئي چڪي آهي ته جيل ٽرائل جو مطلب ان ڪئميرا ناهي هوندو پر اهو اوپن ٽرائل به ٿي سگهي ٿو، رڳو فيملي ۽ ڪجهه ماڻهن سان گڏ ان کي اوپن ٽرائل نٿو چئي سگهجي.
عدالت سائفر ٽرائل تي منع نامو جاري ڪندي ان کي 11 جنوري تائين روڪي ڇڏيو.
عدالت چيو ته هن ڪيس ۾ شاهدن جا بيان قلمبند ٿيا هئا، ان تي قانوني سوال آهن، جنهن جو عدالت 11 جنوري تي جائزو وٺندي.
واضح رهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جو ان ڪئميرا ٽرائل اڊيالا جيل ۾ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.