شهيد بينظير جي 16هين ورسي، علي آباد کان هزارين گاڏين جو قافلو ڳڙهي خدابخش ڀُٽو پهتو

ڪراچي (م ڊ) ڳڙهي خدابخش ڀُٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي سورهين ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهن جا قافلا ڳڙهي خدابخش ڀُٽو شهيدن جي مزار تي پهتا.

شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي سورهين ورسي جي موقعي تي تازو پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙ لاڙڪاڻي جي سگهاري سياسي شخصيتن عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي سربراهي ۾ هزارين گاڏين جو قافلو انڙ هائوس علي آباد کان ڳڙهي خدابخش ڀُٽو پهتو.

ان کان اڳ ڳوٺ حڪيم سنديلو مان واجد علي سنديلو ۽ حيدري سنديلو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي قافلي سميت باقراڻي، ڳيريلو، ڏوڪري، باڊهه ۽ نصيرآباد جي مختلف ٽائون ڪاميٽين ۽ يوسيز مان هزارين ماڻهن جا قافلا علي آباد پهتا.

علي آباد انڙ هائوس پهچندڙ لکين ماڻهن کي خطاب ڪندي پي ايس تيرهن تي نامردگي فارم ڀرائيندڙ ۽ پيپلزپارٽي جي امڪاني اميدوار عادل الطاف خان انڙ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀُٽو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر عالمي ليول جي اڳواڻ هئي، هن غريب عوام جا اهنج ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو جنهن تي کيس خراج پيش ڪيون ٿا.

عادل الطاف انڙ چيو ته شهيد محترمه بينظير جي مشن کي پائي تڪميل تائين پهچائڻ ۽ عوام جي خدمت لاءِ پرعزم آهيون، انشاءَ الله پي ايس تيرهن تي ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪبي.

ان موقعي تي عدنان الطاف خان انڙ پنهنجي ورڪرن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي، اسان مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياست کان نه ڄاڻو، عوام جي مفادن ۽ خوشحالي لاءِ سياست ڪندا آهيون، ڳڙهي خدابخش ڀُٽو ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي عوام ۽ ملڪ دشمن قوتن کي ٻڌائيندا ته ملڪ جي هر مسئلي جو حل جمهوريت ئي آهي. شهيد محترمه جدوجهد جي علامت هئي اسان سندس جو غريب ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ وارو خواب پورو ڪنداسين.

ورڪرن جي خطاب کانپوءِ هزارين گاڏين جو قافلو علي آباد انڙ هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀُٽو لاءِ روانو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.