”ڊرامي ۾ چماٽ لڳي ته شوبز ڇڏڻ تائين پهچي وئي هيس“

اداڪارا ڪومل مير انڪشاف ڪيو آهي ته شوٽنگ دوران چاچي چماٽ هنئي تي اداڪاري ڇڏڻ جو سوچي ورتو هو.
هڪ انٽرويو ۾ ڪومل مير چيو ته ڊرامي جي شوٽنگ دوران اهڙا ڪم به ڪرڻا پوندا آهن، جنهن جو اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي هوندو.
هن چيو ته هڪ سين ۾ مون کي چاچي چماٽ هنئي هئي، مان ڏاڍي رُنس ۽ ماءُ کي فون ڪري چيو ته مون کي اداڪاري ناهي ڪرڻي، اهو هڪ مختلف تجربو هو، جيڪو مان ڪيو.
ڪومل مير چيو ته شوٽنگ دوران هڪ سين ۾ گندن ٿانون ۾ بچيل کاڌو کائڻو هو، جيڪو مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو، ڊائريڪٽر ڪنا ٿانو گهرايا ۽ چيو ته توکي کاڌو کائڻو آهي، مان ٿوري چيٽنگ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ڊائريڪٽر منع ڪيو ۽ چيو ته صحيح طريقي سان اداڪاري ڪر.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.