مون کي معاف ڪيو: عورت جون ڪي اليڪٽرڪ عملي کي منٿون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اقبال مارڪيٽ ۾ عورت جي ڪي اليڪٽرڪ عملي کان معافي گهرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
تازو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ عورت ٿاڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ عملي کان معافي گهري رهي آهي.
پوليس موجب عورت خلاف اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ شڪايت داخل ڪرائي هئي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي شڪايت تي عورت کي ٿاڻي طلب ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي ڌرين جي راضپي سان ٺاهه ڪرايو ويو.
پر هاڻ پوليس عورت جي وڊيو ٺاهيندڙ ٻن ڄڻن تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو.
اختيارين موجب وڊيو ۾ عورت کي معافي گهرندي ۽ روئندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.