تعليمي دستاويز ڏيندڙ پاڪستان جي پهرين اي ٽي ايم مشين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن تعليمي سند جي تصديق ۽ حاصلات جي ڏکئي عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ جديد اي ٽي ايم مشينون متعارف ڪرايون آهن.

فيڊرل بورڊ ۾ ڊائريڪٽر آئي ٽي طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر بشير خان يوسفزئي چيو ته هن مشين کي ’سيلف سروس مشين‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته اهو خيال فيڊرل بورڊ جي چيئرمين قيصر عالم کي تڏهن آيو جڏهن هو اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي رهيو هو، پوءِ هن سوچيو ته جڏهن اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍي سگهجن ٿا ته آن لائين دستاويز ڇو نه هجن؟ جنهن کان پوءِ انتظاميا جي ڪوششن سان اسان هڪ مشين متعارف ڪرائي جنهن کي سيلف سروس مشين چيو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر بشير خان يوسفزئي موجب شاگرد هن مشين ذريعي پنهنجا سمورا دستاويز حاصل ڪري سگهن ٿا، جنهن ۾ مائيگريشن سرٽيفڪيٽ، ڊولپليٽ سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ شيٽ شامل آهن. ان کان سواء، هي مشين سرٽيفڪيٽ جي تصديق سميت ٻيون ڪيتريون ئي خدمتون ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.