اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر لاڏاڻو ڪري ويو.
رياض کوکر جي گهرڀاتين موجب مرحوم جي جنازي نماز اڄ شام 6 وڳي اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي.
رياض کوکر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، هو چين، ڀارت ۽ آمريڪا ۾ سفير به رهيو.
پ پ اڳواڻ شيري رحمان، رياض کوکر جي لاڏاڻي تي سندس گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.