ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جا عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
حليم عادل شيخ جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪراچي جي اين اي 238 تي فارم جمع ڪرايو هو پر اليڪشن ڪميشن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر زباني ٻڌايو ته حليم عادل شيخ تي 9 مئي جي واقعن جو الزام آهي.
ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير قانوني آهي، عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like