عمر وڌڻ سان گڏ دماغي ڪمزوري جي رفتار وڌي ويندي آهي پر ڪجهه عام شين جي ذريعي اوهان ان جي روڪٿام ڪري سگھو ٿا ۽ دماغ کي جوان رکي سگھو ٿا.
اسان جي دماغ کي پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻي ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ تحقيقي رپورٽن موجب سڄي ڏينهن ۾ اسان جيتريون ڪيلوريز خوراڪ مان حاصل ڪندا آهيون، انهن جو 20 سيڪڙو حصو دماغ استعمال ڪندو آهي.
جيڪڏهن عمر وڌڻ سان گڏ دماغي فعلن کي درست ۽ يادداشت کي مستحڪم رکڻ چاهيو ٿا ته ڪجهه شربتن جو استعمال فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.
تنهنڪري انهن شربتن بابت ڄاڻيو جيڪي دماغ لاءِ فائديمند هوندا آهن.
ڪافي
ڪافي ۾ موجود ڪيفين نالي جُز دماغ کي چست رکڻ ۽ ان کي ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي جڏهن ته مزاج به خوشگوار ٿيندو آهي.
تحقيقي رپورٽن موجب مناسب مقدار ۾ ڪافي پيئڻ سان فالج ۽ الزائمر جي مرضن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.
سائي چانهه
سائي چانهه ۾ به ڪيفين جو ڪجهه مقدار هوندو آهي ۽ ڪافي جيان اها چانهه به دماغ کي چست ڪندي آهي.
تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته سائي چانهه ۾ موجود مرڪب يادداشت ۽ ڌياڻ ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائيندا آهن.
ماهرن موجب سائي چانهه ۾ موجود مرڪب دماغي صحت لاءِ فائديمند هوندا آهن.
بيريز جو جوس
بليڪ بيريز، بلو بيريز ۽ اسٽرابيريز جا جوس پيئڻ سان به دماغ کي فائدو ٿيندو آهي.
انهن ميون ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس دماغي جيوگھرڙن کي دٻاءَ کان تحفظ فراهم ڪندا آهن.
اهڙيءَ طرح انهن ميون ۾ موجود مرڪبن سان يادداشت کي فائدو ٿيندو آهي.
هيڊ جي چانهه
هيڊ جو استعمال کاڌو پچائڻ لاءِ ٿيندو آهي پر ان سان چانهه جو ذائقو به بهتر بڻائي سگھجي ٿو.
هيڊ کي سوڄ ختم ڪندڙ تصورڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان جي استعمال سان کَل، سنڌن ۽ هاضمي جي نظام کي به فائدو ٿيندو آهي.
سوڄ جي روڪٿام سان الزائمر مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي جڏهن ته دماغي فعل به بهتر ٿيندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو تحقيقي رپورٽن ۾ اهو جائزو ورتو پيو وڃي ته هيڊ جو استعمال دماغ کي ڪيتري حد تائين فائدو پهچائيندو آهي ۽ يادداشت ڪيتري بهتري ٿيندي آهي.
چقندر جو جوس
چقندر جو جوس اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور هوندو آهي جنهن سان جسم ۾ گردش ڪندڙ هاڃيڪار مواد کان تحفظ ملندو آهي.
ان ۾ موجود نائٽريٽ سان رت جون شريانيون ويڪريون ٿي وينديون آهن ۽ بلڊ پريشر به گھٽبو آهي.
بلڊ پريشر کي فالج ۽ ڊيمينشيا جو خطرو وڌائيندو وڏو عنصر مڃيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ چقندر جو جوس دماغ ٿَڪَ کي ختم ڪرڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي.
هاٽ چاڪليٽ
چاڪليٽ ۾ فليونولز نالي نباتاتي مرڪب هوندا آهن جن سان ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي آهي جڏهن ته يادداشت به بهتر ٿيندي آهي.
هاٽ چاڪليت کي روز پيئڻ سان عمر وڌڻ سان ٿيندڙ دماغي ڪمزوري جو خطرو به گھٽ هوندو آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ جن ۾ ڊيمينشيا جو خطرو گھڻو هوندو آهي.
پر ان شربت جو گھڻي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو ڇو جو ان ۾ سڻڀ، ڪيلوريز ۽ مٺاڻ تمام گھڻو هوندو آهي.
ليمو پاڻي
اسان جو جسم خاص طور تي دماغ کي پاڻي جي گھڻي ضرورت پوندي آهي.
جڏهن جسم پاڻيءَ جيکوٽ کي منهن ڏيندو آهي ته دماغ فعل به متاثر ٿيندا آهن.
دماغ جو 75 سيڪڙو حصو پاڻيءَ تي ٻڌل هوندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڻي ۾ ليمي جو عرق گڏائي پيئڻ سان دماغ کي به فائدو ٿيندو آهي.
ليمي ۾ موجود جُز جيوگھرڙن کي تحفظ فراهم ڪندا آهن جڏهن ته ان ۾ خوشبوءِ سان مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.