قانوني طور تي ٽن ڄڻن جو هڪ ٻار ايندڙ سال پيدا ٿيندو!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا هڪ قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن سان داڪٽرن کي ٽن ڄڻن مان حاصل ڪيل ڊي اين اي جي استعمال سان ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي.

هن قانوني اجازت سان برطانيا پهريون اهڙو ملڪ بڻجي ويندو جيڪو هن تڪراري طريقيڪار کي قانوني حيثيت ڏئي ٿو.

هن طريقيڪار ذريعي مائي ٽو ڪانڊريا يعنيٰ خطبي ذرن کي ڪڍي سگهجي ٿو. هي اهي ذرا آهن جيڪي ماءُ جي بيضي جي سيلز ۾ توانائي پيدا ڪندا آهن.

جيڪڏهن خطبي ذري ۾ ڪا خرابي هجي ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار دل جي خرابي، دماغي مرضن يا صحت جي مسئلن جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

سائنسدان بيضي جا ڊي اين اي ڪانيوڪليس مان وٺندا آهن ۽ ان کي عطيو ڪيل بيضي ۾ وجهندا آهن جنهن مان ڊي اين اي جو ڪانيوڪليس اڳ ئي ڪڍيو ويو هوندو آهي.

هن عمل جي نتيجي ۾ ٻار پيدا ته پنهنجي اصل والدين جي ڊي اين اي جي نيوڪليس سان ٿيندو آهي پر ان جو مائي ٽو ڪانڊريا ڪنهن ٽئين شخص جي عطيي مان حاصل ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.