شوٽنگ دوران عائزا خان جا پير سڙي پيا، وڊيو وائرل

ناليواري اداڪارا عائزا خان ڊرامي جي شوٽنگ دوران باهه سان کيڏڻ جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي، جنهن تي واهپيدارن مزاحيا تبصرن سان گڏ مٿس تنقيد به ڪئي آهي.
عائزا خان پنهنجي ڪنهن ڊرامي جي شوٽنگ جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس باهه ۾ وڪوڙيل چادر کي ڦٽو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
مختصر وڊيو ۾ جيئن ئي اداڪارا باهه ۾ وڪوڙيل چادر کي کڻي ڦٽو ڪيو ته بي خبري ۾ باهه جا شعلا سندس پيرن هيٺان اچي ويا ۽ هوءَ سڙڻ کان بچي وئي.
عائزا ڪيپشن لکيو ته جيئن ئي هدايتڪار ايڪشن جو چوندو آهي ته اداڪار هي شئي وساري سٺو سين شوٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان کي ڪڏهن ڪڏهن ڏکيائين پيش اينديون آهن، اداڪارن جو ڪم آسان ناهي هوندو، اهي حياتي داءَ تي لڳائي منظر شوٽ ڪرائيندا آهن.
هن وڌيڪ لکيو ته اهڙا خطرناڪ سين شوٽ ڪرائڻ وقت خدا اداڪارن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکندو آهي ۽ ان جي ئي ڪرم سان اداڪار محفوظ رهندا آهن.
اداڪارا طرفان شيئر ڪيل وڊيو ٻين شوبز سوشل ميڊيا پيجن طرفان به شيئر ڪئي وئي ۽ واهپيدارن مختلف قسمن جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
واهپيدارن لکيو ته مختصر وڊيو لاءِ ايڏو وڏو ڪيپشن لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ اهو ايڪشن ڇا هوندو آهي؟

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ayeza Khan (@ayezakhan.ak)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.