اڄ جي جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي کانسواءِ رهڻ شايد ناممڪن آهي ۽ ان ۾ سوشل ميڊيا جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل نه آهي، پر سوشل ميڊيا جا جتي نقصان آهن اتي ئي ان جا فائدا به آهن.
اسان اوهان کي سوشل ميڊيا جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن بابت ڳالهائينداسين.
هاڪاري اثر
سماجي رابطا: ماڻهو ڪٿي به هجي سوشل ميڊيا عزيزن، خاندان ۽ برادرين سان جڙيل رهڻ ۾ مدد ڪندي آهي اها سماجي لاڳاپان ذريعي اڪيلائي جي احساسن کي ختم ڪندي آهي.
ڄاڻ جي ڀائيواري: اها ڪنهن به موضوع تي وقت سر ڄاڻ جهڙوڪ صحت، رانديون ۽ ٻين موضوعن جون اپ ڊيٽس فراهم ڪندي آهي. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تعليم ۾ به مدد فراهم ڪندي آهي.
هيلٿ ڪميونٽيز: سوشل ميڊيا پليٽ فارم مختلف ڪميونٽيز جي خدمتن کي عام ڪندي آهي جتي هڪ جهڙا تجربا ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگھن ٿا.
ناڪاري اثر:
دماغي صحت: ضرورت کانوڌيڪ استعمال ۽ سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ ٻين جي ظاهري زندگي سان پاڻ کي ڀيٽڻ سبب ماڻهو ۾ بيچيني، ڊپريشن يا خود اعتمادي پيدا ٿي سگھي ٿي جيڪا خطرناڪ صورت به اختيار ڪري سگھي ٿي.
ننڊ ۾ خلل: سمهڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي وقت گذارڻ معمول جي ننڊ ۾ خلل پيدا ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان گڏيل صحت متاثر ٿيندي آهي.
سائبر بدمعاشي (cyber bullying): سوشل ميڊيا غنڊا گردي يا هراسان ڪرڻ جي هڪ پليٽ فارم جي طور تي به استعمال ٿيندي آهي جنهن جو شڪار ڪو به ٿي سگھي ٿو ۽ جذباتي پريشاني ۽ دماغي صحتکي متاثر ڪري سگھي ٿو.
You might also like