ارباز خان ميڪ اپ آرٽسٽ سان شادي ڪري ڇڏي، تصوير سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي ڀاءُ ۽ اداڪار ارباز خان ميڪ اپ آرٽسٽ شورا خان سان شادي ڪري ڇڏي.
56 ورهين جي ارباز خان جي شورا خان شادي اڄ ممبئي ۾ سندس ڀيڻ ارپتا جي گھر ٿي جنهن ۾ خان فيملي ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.
سلمان خان جي ڀاءُ جي اها ٻين شادي آهي. ان کان اڳ هن 1998ع ۾ مشهور ڊانسر ملائڪه اروڙا سان شادي ڪئي هئي ۽ 2017ع ۾ سندن طلاق ٿي وئي هئي جڏهن ته ٻنهي جو هڪ پٽ به آهي.

مداحوں کی جانب سے نوبیاہتا جوڑے کیلئے نیک تمناؤں کا اظہار کیا جا رہا ہے— فوٹو: سوشل میڈیا
شادي ۾ ارباز خان جي پٽ به شرڪت ڪئي.

ارباز کے بیٹے کی والد اور سوتیلی والدہ کے ساتھ تصویر بھی سوشل میڈیا پر وائرل ہے— فوٹو: فلم فیئر
ٻي پاسي اداڪار جي نئين ڪنوار سان تصويرون به سوشل ميڊيا تي سامهون اچي ويون آهن. مداحن پاران جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته شورا خان هڪ ميڪ اپ آرٽسٽ آهي جيڪا اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ سندس ڌيءَ سان گڏ ڪم ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.