مان عوامي ليڊر آهيان: ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ اليڪشن جي ميدان ۾ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ صندل خٽڪ به چونڊ ميدان ۾ اچي وئي آهي، هن خيبرپختونخواهه مان عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

صندل خٽڪ چيو ته هو اهو نٿي ٻڌائي سگهي ته ڪهڙي پارٽي سان واڳيل آهي.

هنن چيو ته منهنجي اباڻي علائقي ۾ مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آئي آهيان.

ٽِڪ ٽاڪر صندل خٽڪ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ منهنجو مقصد هوندو، گيس اسان جي علائقي مان نڪري ٿي پر اتي گئس ناهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورتون گئس، بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، اسان جي علائقي جا روڊ رستا ٽٽل آهن.

ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي عوام جي حمايت حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.