محمد رضوان جي ميلبرن جي مسجد ۾ درس ڏيڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي ميلبرن ۾ هڪ مسجد ۾ درس ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

محمد رضوان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي ميلبرن جي هڪ مسجد مان پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ کيس مسجد جي منبر تي ويهي ماڻهن کي درس ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڪرڪيٽر جي وائرل وڊيو تي گڏيل رد عمل اچي رهيو آهي.

ڪجهه واهپيدارن دين جي تبليغ ڪرڻ تي سندس واکاڻ ڪئي ته ڪجهه کيس پنهنجي پرفارمينس تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.