ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جي وقت ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
ڪراچي ۾ هوائون 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر اوڀر طرف کان گهلي رهيون آهن.
شهر ۾ ڏينهن دوران 20 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.