ويسٽ انڊيز ون ڊي کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

تروبا (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
تروبا ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي اڳ ۾ انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ مهمان ٽيم 19.3 اوورن ۾ 132 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ جو فل سالٽ 38، ليام ليونگسٽن 28، معين علي 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ويسٽ انڊيز جي گداڪيش موتي 3، جيسن هولڊر، عقيل حسين ۽ آندري رسل 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم گهربل هدف 19.2 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ويسٽ انڊيز طرفان شاءِ هوپ 43 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، رٿرفورڊ 30، جانسن چارلس 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.