حڪومت پاران نوان رڪشا متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گدلاڻ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اپاءَ وٺي رهي آهي.

ان ڏس ۾ پنجاب جي حڪومت طرفان اليڪٽرڪ رڪشا متعارف ڪرايا ويا آهن.

لاهور ۾ اهي رڪشا ٽرانسپورٽ کاتي ۽ هڪ نجي ڪمپني جي ڀائيواري سان تيار ڪيا ويا آهن.

ان حوالي سان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ماهرن سان گڏ اليڪٽرڪ رڪشو هلائڻ جو تجربو به ڪيو.

هي رڪشو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي 150 ڪلوميٽر تائين سفر ڪري سگهي ٿو جنهن سان ٻارڻ جو خرچ بچي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.