پ پ جي پي ٽي آءِ کي گڏجي هلڻ جي دعوت

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي تحريڪ انصاف کي پ پ جو ساٿ ڏيڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو سياسي مخالف هڪ آهي، اچو ته گڏجي گڏيل مخالف کي شڪست ڏيون.
هن چيوته پ پ جي مقامي اتحاد قائم ڪرڻ سبب مولانا فضل الرحمان بلوچستان مان اليڪشن وڙهي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.