سياري جي موسم ايندي ئي گهڻي ٿڌ پوڻ جي ڪري ماڻهو گرم پاڻي سان وهنجڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، گرمين ۾ ته ٿڌي پاڻي سان وهنجي سگهبو آهي پر ٿڌ هجڻ جي ڪري سياري جي موسم ۾ اهو ايترو سولو ناهي هوندو، خاص ڪري انهن جاين تي جتي زمين مان نڪرندڙ پاڻي بدران لائين جي پاڻي ۽ اڳواٽ ئي ٽانڪي ۾ موجود پاڻي سان وهنجڻو هجي.