بنگلاديشي رانديگر ٽنڊولڪر جو اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

نيلسن (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اوپنر سوميا سرڪار شاندار سينچري اسڪور ڪري سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
سوميا سرڪار رڳو 151 بالن تي پنهنجي ڪيريئر جو بهترين ون ڊي اسڪور 169 ٺاهي نيوزيلينڊ ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز کيڏڻ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
نيلسن ۾ ڪيويز خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ سوميا ليجنڊ ٽنڊولڪر جو 14 سال پراڻو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اهو نيوزيلينڊ ۾ ڪنهن به ايشين بيٽر جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي، ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر 163 رنسون ٺاهيون هيون، هن اهو ڪارنامو 2009 ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ انجام ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.