الاسڪا (ويب ڊيسڪ) ظاهري طور تي اهو اوهان کي ڪنهن سائنس فڪشن فلم جي سين جيان لڳندو پر آمريڪي سائنسدانن آمريڪي رياست الاسڪا ۾ هڪ وهيل مڇي سان 20 منٽن جي ڊگھي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ان مڇيءَ سان ڳالهائڻ کي ممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڏکڻ اوڀر الاسڪا ۾ 38 ورهين جي ٽوين نالي وهيل مڇي پهريان کان رڪارڊ ٿيل ٽيليفونڪ ڪال جو رد عمل ڏيندي ايس اي ٽي آءِ انسٽيٽيوٽ ۽ يوسي ڊيوس جي محققن سان ڳالهايو.
محققن جي ٽيم جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وهيل مڇين ۽ انسانن پنهنجين پنهنجين بولين ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهايو هجي. ماهرن جو اهو به چوڻ هو ته اڳتي هلي مستقبل ۾ اهو ٻي دنيا جي مخلوقن سان ڳالهائڻ جي صلاحيت جي امڪانن کي به روشن ڪري ٿو.
سائنسدانن ڀليڪار تي ٻڌل مخصوص قسم جي ڪال جنهن کي whup/throp چيو ويندو آهي، پاڻي جي اندر نشر ڪئي جنهن کي ٻڌندي ئي هڪ وهيل مڇيءَ ٻيڙي جي ڀرسان اچي آواز جي جواب ۾ پاڻ به ڀليڪار تي ٻڌل آواز ذريعي ردعمل ڏيڻ لڳي.
You might also like