ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران تنگ ڪرڻ تي ناري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
اوباش نوجوان پاران دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪرڻ تي امام بارگاهه محلي جي رهواسڻ سعديه سومرو زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو.
سعديه سومرو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان نيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
سعديه سومرو اهڙي شڪايت پنهنجي ماءُ سان گڏجي 18 ڊسمبر تي ٿاڻي تي پڻ ڏني هئي.
پوليس کي ڏنل دانهن ۾ ناري موقف اختيار ڪيو هو ته کيس ڏهرڪي جو رهواسي عبدالحميد چاچڙ زبردستي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري ٿو، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
فوتڻ جي ماءُ مسمات تاج سومرو ٻڌايو ته پوليس جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جنهن سبب نياڻي آپگهات ڪيو آهي.
ٻئي پاسي وارثن ٿاڻي آڏو ناري جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
وارثن جي مطالبي کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي پاران واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.