ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ چونڊن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.
اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ گذريل ڏينهن نامزدگي ڪاغذ جاري ڪيا هئا جنهن بعد ملڪ مان اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري رهيا آهن.
اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوار صبح ساڍي اٺين وڳي کان شام ساڍي چئي وڳي تائين ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي.
اميدوار 22 ڊسمبر تائين لاڳاپيل آر او آفيس ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا جنهن بعد اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 23 ڊسمبر تي جاري ٿيندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 24 کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي.
13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ عام چونڊن لاءِ پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي.
گهوٽڪي، حيدرآباد، جيڪب آباد، جعفرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي ۾ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا آهن.
ميرپور ماٿيلي، قمبر، قاضي احمد، راڻيپور، شهدادڪوٽ، شهدادپور، سکر، ٽنڊي باگي، ٽنڊي آدم ۽ ٺٽي ۾ به مختلف پارٽين جي اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.