اٽلي ۾ غيرت جي نالي تي ڌيءُ ماريندڙ پاڪستاني والدين کي عمر قيد جي سزا

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ غيرت جي نالي تي ڌيءَ جي قتل جي ڏوهه ۾ پاڪستاني والدين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
اٽلي جي عدالت ثمن جي والدين کي شادي لاءِ پاڪستان وڃڻ کان انڪار تي قتل ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو.
عدالت ثمن جي چاچي کي 14 سال قيد ۽ ٻن سئوٽن کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن کي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته اپريل 2021 ۾ گم ٿيل ثمن جي لاش جا حصا 2022 ۾ اٽلي ۾ سندس گهر ڀرسان مليا هئا، والدين تي شادي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار تي ڌيءُ کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.
رپورٽن موجب ثمن جي پيءُ شبر عباس کي گذريل سال نومبر ۾ پاڪستان ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو، جڏهن ته سندس ماءُ اڃا تائين مفرور آهي ۽ امڪاني طور پاڪستان ۾ لڪيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.