ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري، نگران حڪومت وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، نگران وڏي وزير جي مداخلت کانپوءِ اي جي سنڌ ڪراچي پورٽ تي ڦاٿل بسن لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته فنڊن جي منتقلي کانپوءِ ٽرانسپورٽ کاتو ڪسٽمز جون ڊيوٽيون ادا ڪرڻ جو پابند آهي.
هن ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته هڪ هفتي اندر سموريون ادائيگيون ڪري بسن کي رليز ڪرايو، عوامي رليف لاءِ جلد کان جلد بسن کي روڊن تي آڻيو.
سندس چوڻ هو ته مسئلي جو حل سرڪلر ريلوي، بي آر ٽي جي سڀني لائنن جي ڪم ڪرڻ سان ممڪن آهي، بي آر ٽي ريڊ لائن ڪوريڊور جي ايڪنڪ مان منظوري لاءِ جلد وفاقي حڪومت سان رابطو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.