گل جي بادشاهت ختم، بابر هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊي جو ٽاپ بيٽر بڻجي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ڀارتي بيٽر شبمن گل کان پهرين پوزيشن کسي ورتي.
بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو، آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ موجب بابر اعظم 824 پوائنٽن سان ون ڊي بيٽرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته شبمن گل 810 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما تربيت وار ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ سوريا ڪمار جي پهرين، محمد رضوان جي ٻي، ايڊن مارڪرم جي ٽين ۽ بابر اعظم جي چوٿين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.