لاڙڪاڻو ۾ نوجوان گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ٺارو ديرو کيڏڪر ڀرسان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس چاچو زخمي ٿي پيو.
هٿياربندن جون گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ گل محمد شيخ واسي 26 ورهين جي نوجوان ساجد علي شيخ ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس چاچو شمن شيخ زخمي سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل وٺي لاش ۽ زخمي کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.