تنگواڻي ۾ نوجوان ۽ نينگر مبينا طور اغوا

تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ايندي ٻه ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا.
18 ورھين جو نوجوان غُلام رسول بکراڻي ۽ 12 سالن جو منصور احمد پٺاڻ ڪنڌڪوٽ شهر کان تنگواڻي طرف ايندي واپسيءَ تي ڪنڌڪوٽ_ٺل ھاءِ وي تان مبينا طور تي اغوا ٿي ويا.
نوجوان ۽ نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو ويو پر پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي.
نوجوان غُلام رسول جي والد اُستاد عبدالخالق جو چوڻ آهي ته آئون ساڻن آخري رابطو گذريل ڏينهن شام جو 7 وڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪال اٽينڊ نه ٿي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ نمبر ئي بند ٿي ويو.
گم ٿيل ٻنهي جي وارثن مين اسٽاپ تي ڌرڻوهڻي نوجوان ۽ نينگر کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.