پاڪستاني سياست ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو ذهانت جو استعمال

گذريل ڪجهه عرصي کان جتي پاڪستاني سياست ۾ سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، اتي ئي هاڻ پهريون ڀيرو ملڪي سياست ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنسي (هٿرادو ذهانت) جي استعمال سان نئين تاريخ لکجي وئي.
هن وقت سڄي دنيا ۾ اي آءِ يعني هٿرادو ذهانت جو استعمال تقريبن هر شعبي ۾ ڪيو پيو وڃي ۽ان جي استعمال سان انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي تي جتي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن اتي ئي ان جا ناڪاري رخ به آهن.
پاڪستاني سياست ۾ هٿرادو ذهانت جو پهريون ڀيرو استعمال پي ٽي آءِ پاران ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ پاران 17 ڊسمبر تي ٽوئيٽر تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جيهڪ ننڍي وڊيو ڪلپ جاري ڪئي وئي جيڪا حقيقت ۾ اي آءِ وڊيو هئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڄاڻايل وڊيو ۾ عمران خان جي پراڻين تصويرن ۽ وڊيو ڪلپس کي استعمال ڪيو ويو، پر سندس آواز کي هٿرادو ذهانت ذريعي تيار ڪيو ويو.

ننڍي اي آءِ وڊيو ۾ هٿرادو ذهانت جي مدد سان عمران خان جي آواز جهڙو آواز تيار ڪيو ويو پر ان کي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته اهو هٿرادو آواز آهي.
پي ٽي آءِ پاران ملڪي سياست ۾ پهريون ڀيرو اي آءِ جي استعمال کي مخالفن به ساراهيو، پر ڪجهه واهپيدارن سياست ۾ هٿرادو ذهانت جي استعمال کي خطرناڪ به قرار ڏنو ۽ لکيو ته ان جا مستقبل ۾ خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.