ڀارت ۾ هڪ ٻي پرڏيهي سياح کي هراسان ڪرڻ جو واقعو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڏکڻ ڪوريا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت ولاگر کي هراسان ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا رياست ۾ ڪيلي نالي ولاگر کي ڏينهن ڏٺي جو ٻن ڄڻن هراسان ڪيو.
اهو واقعو گذري ڏينهن پيش آيو هو.
اها عورت مهاراشٽرا جي شهر پوني جي هڪ مارڪيٽ ۾ موجود هئي ان وقت ٻه مرد هن جي ويجهو آيا جن مان هڪ پنهنجو هٿ ڪيلي جي ڪلهن تي رکيا.
ان شخص پاران ائين ڪرڻ کان پوءِ ڪرين سياح جلدي ۾ اتي موجود ماڻهن الوداع چئي هلي وئي.
وڊيو ۾ عورت پاران چيو پيو وڃي ته مون کي هتان ڀڄڻو پئجي رهيو آهي.

اها وڊيو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي وئي جنهن تي ماڻهن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪورين سياح سان همدردي ڪئي وئي.
انٽرنيٽ واهپيدارن جو چوڻ هوته اهڙي قسم جا واقعا نه ٿيڻ گھرجن ڇو جو ان سان ڀارت جو نالو بدنام ٿئي ٿو.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪنهن ڏکڻ ڪورين ولاگر کي ڀارت ۾ هراسان ڪيو ويو هجي.
ان کان اڳ 2022ع ۾ به هڪ 24 ورهين جي ڪورين ولاگر کي ممبئي ۾ ٻن مردن هراسان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.