زبردستي ڪيڪ کارائڻ تي مڙس هٿان زال قتل

ڪيرولينا (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ڪيرولينا ۾ مڙس زال کي رڳو ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو ڇو جو هوءَ پنهنجي هٿ سان تيار ڪيل ڪيڪ کيس کارائڻ چاهي پئي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب جوابدارن جي سڃاڻپ 85 ورهين جي اسٽيون شوارٽز جي نالي سان ٿي آهي جنهن زال شيرون شوارٽز کي قتل ڪيو.
پوليس 81 ورهين جي مقتولا جي لاش کي جوابدارن جي گھر مان هٿ ڪرڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو. اسٽيو شوارٽز جي جسم تي به زخم موجود هئا.
عورت شيرون شوارٽز ڪيڪ تيار ڪرڻ بعد جڏهن مڙس کي پيش ڪيو ته هن کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مقتولا جڏهن زبردستي کارائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن چاقتو سندس پيٽ ۾ ٽنبي ڇڏيو.
جوابدار پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته آئون زال کي قتل ڪيو آهي پر مون کي ڪجهه به ياد ناهي ته ان وقت اسان جي وچ ۾ ڇا ٿيو هو.
جوابدارن موجب زال مون کي گھڻو پيار ڪندي هئي، سندس خواهش هئي ته سٺو کاڌو کائي جلد صحتياب ٿي وڃا.
پوليس جوابدار جو اسپتال مان معائنو ڪرائڻ بعد کيس گرفتار ڪري ورتو کيس ٻه جنوري تي عدالت م پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.